سومرو نصير2

سومرو نصير2

نصير سومرو 2

نصير سومرو 2 : شاعر ۽ اديب نصير سومري جو پورو نالو نصير احمد سومرو ولد مولوي الله بخش سومرو آهي. سندس جنم 28 مارچ 1964ع تي خيرپورميرس ضلعي جي شهر هنڱورجا ۾ ٿيو. جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم، عربي صرف و نحو ۽ اسلامي/ ديني تعليم پنهنجي والد کان ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عطا محمد سهتي کان حاصل ڪئي. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، ڪنڊياري مان انٽر پري انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد 1984ع کان 1988ع ڌاري مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري مان گرئجوئيشن ڪيائين. 1989ع ۾ پاڪستان اسٽيل مِل ۾ ’ٽريني انجنيئر‘ طور شموليت ڪيائين. ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي ناچاڪيءَ سبب استعيفا ڏنائين. 1999ع ۾ ’اوپن هارٽ سرجريءَ‘ ذريعي سندس دل ۾ ٻه مصنوعي والوَ (Valves) نصب ڪيا ويا. 12 جون 2000ع تي هن آزاد ليکڪ/صحافيءَ طور پرنٽ ميڊيا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن پهريان روزاني ’سُڪار‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار طور ڪم ڪيو، جنهن کانپوءِ انگريزي اخبار روزاني ’سنڌ ٽائيمز‘ ۽ سنڌي اخبار روزاني ’برسات‘ ۾ ڪم ڪيو. ٻوليءَ ۽ ادب جي ڄاڻ هئڻ ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان شايع ڪيل آڪسفورڊ انگلش- سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ ايڊيٽر ۽ پروف ريڊر طور ڪم ڪيائين. سندس نالو ڊڪشنري جي ايڊيٽوريل سٿ ۾ شامل آهي. ادب ۾ سندس سڃاڻپ شاعر، ڪالم نگار، تنقيد نگار، صحافي ۽ ليکڪ طور آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) ’پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا‘ (1997ع)، (2) ’ورکا نيڻ وسن‘ (1999ع)، (3) ’جرتي ڪنول جيئن‘ (2008ع) شايع ٿيل آهي. تنقيدي مضمونن ۽ ادبي شخصيتن بابت سندس نثري ڪتاب ’شاعراڻا ويچار‘ (2013ع) به ڇپجي چڪو آهي. نصير سومري اردوءَ ۾ به شاعري ۽ ڪالم نگاري ڪئي آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.28  عيسوي

نصير احمد سومرو ولد مولوي الله بخش سومرو آهي. سندس جنم 28 مارچ 1964ع تي خيرپورميرس ضلعي جي شهر هنڱورجا ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گوبند پنجابي
پلي معمور يوسفاڻي
عبدالستار بلوچ
پنجواڻي رام پروفيسر
غلام حسين شيخ
ايڇ جي ويلز
روشن سندر چانڊيو
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
ولي رام ولڀ
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون